ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ڪراچي جي مسئلن جي مستقل ??ل لاءِ 1100 ارب روپين جي تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي اهو پيڪيج وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏج?? جوڙيو آهي، ڪراچي جي مسئلن جي ??ل لاءِ صوبائي ڪوآرڊينيشن عملدرآمد ڪميٽ?? جوڙي ويندي. ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ سنڌ جي گورنر عمران ??سماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران ??ان ??ن تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو، هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن جي ??ل لاءِ اجلاس ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته ٽن سالن ۾ ڪراچي ۾ پاڻ?? جو مسئلو حل ٿي وڃي، نالن جي صفائ?? جو ڪم اين ڊي ايم اي جي حوالي ڪيو ويو آهي جنهن ان ??ي ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هتي آباد غريب ماڻهو بي گهر ٿيندا جنهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي ذميداري سنڌ حڪومت جي آهي، وزيراعظم چيو ته سيوري?? سسٽم جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويو آهي، انهي پيڪيج ۾ ان مسئلي کي به مڪمل حل ڪيو ويندو، ان ??ان گڏوگڏ سالڊ ويسٽ جو مسئلو به ان پيڪيج تحت ئي حل ڪيو ويندو، وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سرڪلر ريلوي به انهي پيڪيج تحت مڪمل ٿيندو، ڪراچي ۾ گرين لائن منصوبو به مڪمل ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي ماڻهن کي مشڪل حالتن مان گذرڻو پيو آهي تنهن هوندي به اهي مسئلا ان ڪميٽي جي تعاون سان ??ل ڪنداسين.