اسلام آباد – 10 مارچ (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان سان برطانيا ۾ رهندڙ سائنسدانن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ موجود هو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته برطانيا جي مختلف ناليوارن تعليمي ۽ ??حق??قي ادارن سان تعلق رکندڙ 70 سائنسدانن جو وفد پاڪستان ۾ موجود آهي جي??و ايگريڪلچر نيوٽريشن، هيلٿ ڪيئر ۽ با??و ٽيڪنالاجي جي فروغ جي حوالي سان ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.