اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ۾ توسيع ڪندي وڌيڪ 4 وزير شامل ڪيا ويا آهن جن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حل?? کنيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سول ۽ فوجي عملدارن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاقي ڪابينا ۾ جن نون وزيرن کي شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ ميان جاويد لطيف، آغا حسن بلوچ ۽ چوڌري سالڪ حسين کي وفاقي وزير بڻايو ويو آهي جڏهن ته محمد هاشم نوتيزئي کي مملڪتي وزير جي حيثيت سان ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ 19 اپريل تي پهرين مرحلي ۾ ڪابينا ۾ 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن کي شامل ڪيو ويو هو. ڪابينا ۾ اڳ ۾ ئي 3 صلاحڪارن کي به شامل ڪيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي حلف برداري کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي سربر??هن سان ڪابينا جي جوڙجڪ جي لاءِ مش??ورت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪابينا کي حتمي شڪل ڏني وئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آه?? ته مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف 11 اپريل تي ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حل?? کنيو هو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي محمد شهباز شريف کي 174 ووٽن سان پاڪستان جي 23 هين وزيراعظم جي حيثيت سان چونڊيو هو.