لنڊن – 06 – اپريل (اي پي پي) ڀارتي ميزائيل جي پاڪستان حدن ۾ ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فلپائن ڀارت کان ا?? معاملي تي جواب طلب ڪيو هو. ان ڳالهه جو انڪشاف بي بي سي ڀارتي اخبار جي حوالي سان پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب ڀارت جي مشهور انگريزي اخبار ”دي انڊين ا??ڪسپريس“ پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته فلپائن ا??ا وضاحت ان لاءِ طلب ڪئي هئي ڇو ته هو ڀارت سان براهموس ميزائل جي خريداري جي هڪ م??اه??ي تي صحيح ڪري چڪو هو، فلپائن جي صدر روڊريگوڊوٽرٽي جي ڪابينا ۾ سڀ کان سينئر وزير ۽ دفاع واري سيڪريٽري ڊيلفائن لورينزانا ڀارتي سفير شمڀو ايس ڪمارن کي ان سلسلي ۾ طلب ڪيو هو. ڀارتي سفير فلپائن جي دفاع واري سيڪريٽري کي ٻڌايو ته ميزائل سسٽم ۾ ڪا فني مسئلو هو ۽ ان سلسلي ۾ جاچ جاري آهي، جڏهن جاچ مڪمل ٿيندي ته ان جي معلومات به فلپائن جي لاڳاپيل عملدارن سان شيئر ڪئي ويندي. پاڪستان جي س??زم??ن ۾ حادثاثي طور تي ڪرندڙ ميزائل جي ساخت ته ڪو به سرڪاري بيان سامهون نه آيو آهي ۽ فلپائن جي پريشاني جو اهو ئي سبب آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال 28 جنوري تي فلپائن ڀارت سان براهموس ميزائل جي خريداري جي هڪ م??اه??ي تي صحيح ڪيون هيون جنهن کي ڀارت جي ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن(ڊي آر ڊي او) ۽ روس جي اين پي او ميشينوسترونيا اداري گڏيل طور تي تيار ڪري رهيا آهن، فلپائن سان ٿيندڙ اهو م??اه??و 73 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالر ماليت جو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته اهو انڊيا لاءِ هڪ وڏو دفاعي سودو آهي، هڪ ٻي ڀارتي اخبار ”دي هندو“جي موجب انڊيسن سفير ڪمارن ا??نٿاسيٽر جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب ۾ چيو هو ته فلپائن سان شروعاتي م??اه??و گذريل سال مارچ ۾ ٿيو هو، ٻيو م??اه??و نومبر ۾ ۽ حتمي م??اه??و هلندڙ سال جنوري ۾ ٿيو آهي، ڀارتي خابرو اداري اي اين آءِ جي 23 مارچ جي رپورٽ ۾ سرڪاري ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ڀارتي فضائيه جي فوج ۾ ميجر جنرل جي عهدي جي برابر آفيسر ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ بادي النظر ۾ اهو ميزائل هڪ گروپ ڪيپٽن رينڪ جي آفيسر جي غلطي جي بنياد تي فائر ٿيو هو.