اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود ??ريشي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ بي اعتمادي رٿ کي بنا ووٽنگ جي رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي رهي آهي، فل ڪ??رٽ جوڙڻ جو معاملو چيف جسٽس جو اختيار آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود ??ريشي چيو ته مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن اعتراض ڪيو ته کين فل ڪ??رٽ بينچ گهرجي، اهو چيف جسٽس جو اختيار آهي ته فل ڪ??رٽ جوڙڻي آهي يا نه، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو پنج رڪني بينچ عدم اعتماد کي بنا ووٽنگ رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ٻڌي رهي آهي ته سپريم ڪورٽ ان ڪيس کي تفصيل سان ٻڌڻ چ??هي ٿي، مخالف ڌر کي عدليه جو احترام نظر ۾ رکڻ گهرجي. جهان??ير ترين ۽ عليم خان بابت پڇيل سوال هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن بابت ڪجهه نٿو چوڻ چ??هيان، ڌمڪي واري خط بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ شاهه محمود ??ريشي چيو ته اهو حساس معاملو آهي هن وقت ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي، جلد ان بابت به ٻڌايو ويندو.