اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مارڪيٽ ضرورتن موجب خصوصي ماڻهن جي هنر تائين پهچ وڌائڻ لاءِ بهترين عالمي طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ۽ نجي شعبا خصوصي ماڻهن لاءِ نوڪرين جي 5 ??يڪڙ?? ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائين، خصوصي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ سان مالي شموليت وڌيندي ۽ کين قومي ڌارا ۾ شامل ڪري سگهبو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي پيشيوراڻي تربيت بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نيوٽيڪ چيئرمين سيد جاويد حسن ۽ اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. خصوصي ماڻهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائن جي ضرورت تي زور ڏيندي صدر چيو ته سرڪاري کاتن، نجي شعبي ۽ غير سرڪاري تنظيمن کي ان??ن ماڻهن جي مخصوص مهارتن کي و??ائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن نيوٽيڪ کي چيو ته هو هنر کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي پروگرامن جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري ته جيئن ماڻهن ۽ خاص طور تي خصوصي ماڻهن کي ان??ن مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏئي سگهجي. صدر تربيتي ادارن تي زور ڏنو ته هو مارڪيٽ جي ضرورتن جو تعين ڪرڻ جي لاءِ بهترين شهريت رکندڙ قومي ۽ عالمي ادارن سان رابطا قائم ڪن. نيوٽيڪ چيئرمين سيد جاويد حسن اجلاس کي پنهنجي اداري پاران خصوصي ماڻهن جي مهارت جي فروغ ل??ءِ کنيل قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته نيوٽيڪ خصوصي ماڻهن جي خصوصي تربيت جو اهتمام ڪيو آهي ۽ هن وقت تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ 318 خصوصي ماڻهن کي پيشيوراڻي تربيت ڏئي وئي آهي. هن ان ڳالهه تي روشني و??ي ته سندن ادارو خصوصي ماڻهن کي هنر ۽ روزگار ۾ سهولت ڏيڻ کانسواءِ ان??ن جي سکڻ جي وسيلن تائين پهچ کي و??ائن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، صدر ملڪ جي نوجوانن ۽ خصوصي ماڻهن کي هنرمندي جي فروع ۾ نيوٽيڪ جي ڪوششن کي سارهيو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي.