اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چيچن سربراهه رمضان ڪادروف وزيراعظم عمران خ??ن جي نالي خط ۾ گڏيل قومن ۽ عالمي فورمن تي اسلام جي اصل تشخص کي اجاگر ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وفاقي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته چيچن سربراهه چيو ته دين جي خدمت لاءِ اسان حاضر آه??ون ۽ توهان سان گڏ آهيون. چيچن سربراهه وڌيڪ چيو ته توهان جي روس جي د??ري د??ران ملاقات ڪري بي حد خوشي ٿي.