اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??هي ته وزيراعظم عمران خان پ??ٽر??ل ۽ ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سميت هڪ وڏي عوامي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪيو ??هي ۽ اڳتي به عوام کي ريليف ڏيندو رهندو، قيمتون گهٽ ڪرڻ تي به مخالف ڌر کي اعتراض آهي، مخالف ڌر منافقاڻو رويو ??تم ڪري، عمران خان معيشت کي ڏيوالپڻي کا?? ٽيڪ آف تي پهچائي ڇڏيو، اسان جي وزيراعظم جا محل نه آهن، مني لانڊرنگ نه ڪئي ۽ نه ئي ڦرلٽ ڪئي، مخالف ڌر ڄاڻي چڪي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪيڏانهن وڃڻ واري نه آهي، اها 5 سال مڪمل ڪندي ۽ اڳتي حڪومت به پي ٽي آءِ جي هوندي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ??ه وزيراعظم عمران خان عوامي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪيو ??هي، پ??ٽر??ل ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10، 10 رپيا ۽ بجلي في يونٽ 5 رپيا گهٽ ڪئي آهي، عالمي سطح تي مهانگائي ٿي ته آمريڪا، يورپ، برطانيا سميت پوري دنيا ۾ مهانگائي جو 40 سالن جو رڪارڊ ٽٽُي ويو. مملڪتي وزير چيو ??ه پ??ٽر??ل في بيرل 40 ڊالر مان 111 ڊالر، کاڄرو تيل 400 ڊالر مان 1300 ڊالر في ٽن، ڪوئلو 40 ڊالر مان 200 ڊالر تي پهچي ويو ??هي، پوري دنيا ۾ ٿيندڙ مهانگائي جو اثر حڪومتن ۽ عوام تي پيو، آمريڪا ۾ مهانگائي جو 42 سالا رڪارڊ ٽٽي ويو ??هي، اسان جو خيال هو ته ڪوويڊ 19 کانپوءِ حالتون بهتر ۽ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيندي ته عوام کي ريليف ڏينداسين. دنيا ۾ لاجسٽڪ ۽ ٽرانسپورٽيشن مهانگي ٿي آهي، ان جا به اثر آهن، ان صورتحال ۾ عمران خان عوام تي بار وجهڻ بدران ريليف ڏنو، پ??ٽر??ليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي سان اڳ ۾ به ٽ??ڪسز گهٽ ڪرڻ سان حڪومت 70 ارب جو بار پاڻ برداشت ڪري رهي هئي، ٽيڪس اوڳاڙيون رڪارڊ ٿيون، 8 مهينن ۾ 30 سيڪڙو ٽيڪس وڌيڪ گڏ ڪيو ??هي، اڳ ۾ مخالف ڌر آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ تي تنقيد ڪري رهي هئي ۽ هاڻي قيمتون گهٽ ڪرڻ تي به مخالف ڌر کي اعتراض آهي، مخالف ڌر منافقاڻو رويو ??تم ڪري.