اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته جولاءِ کان ڊسمبر 6 مهينن ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 7.4 سيڪڙو اض??فو ٿيو آ??ي. مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته جڏهن وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ اض??فو ٿئي ٿو ته معاشي سرگرمين ۾ به اض??فو ٿئي ٿو، جيڪا پائيدار معيشت جي نشاني هوندي آ??ي، اهي انگ انگ انهن ماڻهن کي چپ ڪرائڻ جي لاءِ ڪافي آ??ن جيڪي بنا جواز معيشت جي تباهي جو روڄ راڙو ڪن ٿا.