اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب فوري حل ٿيڻ گهرجي، اسان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون، پوري ??اڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي دلين ۾ ڪشمير وسي ٿو، پاڪستان ??ر فورم تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري ۾ به ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان ڊجيٽل تصويري ??مائش جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. يوم يڪجهتي ڪشمير تي شاندار نمائش جي انعقاد تي ڊيمپ جو ٿورو ادا ڪريان ??و. فرخ حبيب چيو ته ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت کي شاگردن پينٽنگز جي ذريعي اجاگر ڪيو آهي، ڪشميري ??ائرن، ڀينرن جي تڪليفن کي اسان ??حسوس ڪريون ٿا، انساني حقن جي خلاف ورزين تي پاڪستان سدائين آواز بلند ڪندو رهيو آهي، مملڪتي وزير چيو ته 5 آگسٽ جي هندوستاني قدم کانپوءِ 90 لک ڪشميري ??يد آهن، نه ميڊيا آزاد آهي نه سوشل ميڊيا هلي رهي آهي، مودي جي آر ايس ايس سوچ جو عملي مظاهرو ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو، هن چيو ته برهان ??اني جهڙن جوانن کي شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو سچو وڪيل ۽ دلير سفير جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪشمير مسئلي کي هر عالمي فورم تي موثر انداز ۾ ڪشمير جو ڪيس پيش ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ??اران ??ندستاني ظلمن کي اجاگر ڪرڻ تي هاڻي مغربي ميڊيا به ان ??سئلي تي ڳالهه ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته دنيا کي به پنهنجون اکيون ۽ ڪن کليا رکڻ گهرجن، ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب فوري حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ڪشمير سان گڏ بيٺل آهيون، وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري ۾ به ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ٿيندي. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ايڊيشنل سيڪريٽري ??بشر توقير ۽ ٻين عملدارن به شرڪت ڪئي. ان ??وقعي تي مملڪتي وزير فرخ حبيب نمائش ۾ رکيل تصويرن جو به مشاهدو ڪيو، شرڪت ڪندڙن کي ڪشمير ڪهاڻي جي عنوان سان ??ندستان جي ظلم ۽ بربريت تي ٺاهيل دستاويزي فلم به ڏيکاري ??ئي، مملڪتي وزير فرخ حبيب شاگرن جي وچ ۾ پيٽنگز مقابلن ۾ نمايان ??وزيشن حاصل ڪندڙن ۾ انعام به ورهايا ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز هر سال يوم يڪجهتي تي هندستاني ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تصويري ??مائش جو اهتمام ڪندو آهي.