اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد پوليس جي اهلڪارن ۽ بنون ۾ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهي ??ي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي رابطو ڪري تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر جي – 8، اسلام آباد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اسلام آباد پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبل منور حسين جي پونئيرن سان ٽيليفون ??ي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ان کانسواءِ صدر 13 جنوري تي بنون ۾ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهي ??رفراز عل?? جي وارثن سان پڻ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. صدر عارف علوي شهيدن کي قوم جي لاءِ قرباني ۽ خدمتن تي خراج عقيدت پيش ??يو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.