اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هنگامي صورتح??ل ۽ انساني الميي کان بچڻ لاءِ پاڪستان افغان عوام جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، افغانستان جي ??رورت وقت اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه هوندو، حڪومت پاڪستان افغان عوام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي ??مداد مختص ڪئي آهي، پاڪستان جي ??ستي افغان عوام کي امداد ڏيندڙ عالمي ادارن کي سهولت فراهم ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، شيخ رشيد احمد، اسد عمر، صلا??ڪا??ن شوڪت ترين ۽ عبدالرزاق دائود، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلا??ڪا?? ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هنگامي صورتح??ل ۽ انساني الميي کان بچڻ خاطر پاڪستان افغان عوام لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، افغانستان کي ضرورت جي وقت اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه هوندو. حڪومت پاڪستان افغان عوام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي ??مداد مختص ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي ??ستي افغان عوام کي امداد ڏيڻ وارن عالمي ادارن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايپڪس ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ هنگامي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان آچر تي او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ??صوصي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ان خصوصي اجلاس ۾ افغان عوام جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪيو ويندو ۽ انهن جي مدد جي ??والي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.