اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو ??ي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهن کي روز مره جي ضروري شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، وڌ کان وڌ غريب گهرن کي ??ائ??و پهچائڻ لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس را??ن پروگرام بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيرا??ظم جي غربت جي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، وزيرا??ظم جي سياسي معاملن واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر شهباز گل سميت لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ??ئي. جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار خيبرپختونخوا جي وڏو وزير محمود خان، آزاد ڪشمير جي وزيرا??ظم سردار عبدالقيوم خان نيازي وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ??ئي. ان موقعي تي وزيرا??ظم چيو ته حڪومت عام ماڻهن ??ي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته مهانگائي جي ڪري ماڻهن جي تڪليفن جي خبر آهي اسان غريب ماڻهن کي روز مره جي ضروري شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، ان کان اڳ وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته احساس را??ن پروگرام تحت ملڪ جي ان 2 ڪروڙ گهرن کي اٽو، گيهه ۽ دالين تي هڪ هزار روپين جي ماهوار سبسڊي ڏني پئي وڃي، جنهن جي ماهوار آمدني 50 هزار روپين کان گهٽ آهي، وزيرا??ظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اهو پروگرام 15 ڊسمبر کان سڄي ملڪ ۾ شروع ڪيو ويندو، پروگرام تحت ڪريانه اسٽورن جي رجسٽريشن جاري آهي ۽ هن وقت تائين 15 هزار کان وڌيڪ ڪريانه اسٽور رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ وڌ کان وڌ غريب گهرن کي ??ائ??و پهچائڻ لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن ان سلسلي ۾ ڪريانه اسٽورن ۽ ممڪنه ??ائ??و وٺندڙن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ضلعي حڪومت جي عملدارن کي به متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ??ئي.