اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صحت ان??اف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آ??ڻ جي لاءِ صحت ان??اف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت تي سٽيزن پورٽل تي صحت ان??اف ڪارڊ جي نالي سان خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري تف??يل موجب صحت ان??اف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آ??ڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ هدايتنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپتالن ۾ علاج کان انڪار، سهولتن جي کوٽ، عملي جي رويي بابت سڌوسنئون شڪايتون پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ڪري سگهبيون. علاج تي ايندڙ خرچ جي عدم معلومات، علاج ۾ دير ۽ غلط علاج تي پڻ شهري شڪايت ڪري سگهندا. وزيراعظم آفيس موجب صحت ان??اف ڪارڊ جي پينل ۾ شامل اسپتالن جي مسئلن تي پڻ شڪايتون داخل ڪرائي سگهبيون. شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ اسٽيٽ لائيف جي اعليٰ آفيسرن کي خصوصي ڊيش بورڊ پڻ الاٽ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ لائيف جو چيئرمين شهرين جي شڪايتن جي فوري حل کي يقيني بڻائيندو.