اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه افغانستان ۾ خال تمام گهڻو خطرناڪ آهي، دنيا کي افغانستان جي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي نه ته اتي انتشار پيدا ٿ??ندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان پنهنجو ذميواراڻو ڪردار جاري رکيو آهي پر افغانستان ۾ استحڪام جي لاءِ وڏين طاقتن جو متحرڪ ڪردار انتهائي اهم آهي.