اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اهم ترجيحن ۾ آبي ذخيرن جي تعمير ۽ پن بجلي جا منصوبا شامل آهن، مهمند ??يم منصوبو مڪمل ٿيڻ سان 800 ميگاواٽ پن بجلي، 12 لک ايڪڙ ف??ٽ ايڪڙ پاڻي ذخيرو ٿيندو جنهن سان 17 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، ان منصوبي تي ڪم سيپٽمبر 2019ع ۾ شروع ٿيو جيڪو نومبر 2025ع ۾ مڪمل ٿيندو. وزيراعظم جي مهمند ??يم جي دوري جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان مهمند ??يم سائيڊ جو دورو ڪيو اتي جاري ڪم جو جائزو ورتو، فرخ حبيب ٻڌايو ته مهمند ??يم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، ديامرڀاشا، داسو هائيڊرو پاور، ڪرم تنگي ??يم ملٽي پرپز، تربيلا ففٿ توسيع، برپوهائيڊرو پاور پراجيڪٽ، سنڌ بيراج پراجيڪٽ، گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلائي اسڪيم (ڪي ٽو فور) ڪڇي ڪينال پراجيڪٽ ۽ نئين گنجي پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ سان مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 29 لک ايڪڙ ف??ٽ پاڻي ذخيرو، 9 هزار ميگاواٽ پن بجلي جي پيداوار، 91 هزار 917 ايڪڙ اضافي زمينون آباد ۽ 35 هزار کان وڌيڪ نئين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.