اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي اپيل ڪ??ي آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد کي يق??ني بڻايو وڃي، ڪورونا جي ٽئين لهر کي منهن ڏيڻ ۽ وبا جي روڪٿام جي حوالي سان حڪمت عملي ملڪي معاشي حالتن ۽ خاص طور تي عوام جي مشڪلاتن کي سامهون رکي جوڙي ويندي، اسان جي سموري حڪمت عملي جو محور غريب عوام کي ريليف ڏيڻ ۽ ان کي وبا جي منفي اثرن کان بچائڻ آهي، وزيراعظم سمورين صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي حوالي سان عوام کي متحرڪ ڪيو وڃي ۽ ضلعي انتظام??ا جي موثر ڪردار کي پڻ يق??ني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوويڊ بابت نيشنل ڪوآ??ڊي??يشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.