اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) قومي ??وڊ سيڪيورٽي ۽ ريسرچ واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان پاڪستان ۾ مقرر ڊئنمارڪ جي سفير ل?? روزن هولم گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي. وفاقي وزير ان کي ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ڊئنمارڪ سان لاڳاپن کي گهڻي اهميت ڏئي ٿو. ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهيون. وفاقي وزير چيو ته ڊئنمارڪ ۽?? پاڪستان وچ ۾ مستقبل ۾ هڪ مثالي لاڳاپا قائم ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي پرڏيهه مان صحيح سنئين سڌي سيڙپڪاري ج?? ضرورت آهي ۽ ڊئنمارڪ کي سيڙپڪاري ج?? موقعن جي ڳولا آهي، ان جي حڪومت ڊيري ج?? شعبي ۾ قيمتن ۾ واڌ جي تجويز پيش ڪئي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ ڊيري ج?? شعبي ۾ تمام گهڻي پيداواري ص??احيت موجود آهي، ڊئنمارڪ جي حڪومت کير کي ضايع ڪرڻ جي معاملي تي پڻ غور ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڪولڊ اسٽوريج ۾ سيڙپڪاريءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو.