اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل حڪومتن 10 سالن ۾ پاڪستان جو قرض 6 ارب کان 30 ارب تائين پهچايو ۽ سڀ ادارا بئنڪ ڪرپٽ ڪري ڇڏيا، اسان ٻن سالن ۾ 20 ارب ڊالر قرض واپس ڪيو آ??ي، 17 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ پنج مهينن کان سرپلس آ??ي، مٽاسٽا جو ناڻو ۽ روانگي واپار وڌيو آ??ي، ڪو بيوقوف ئي هوندو جنهن کي اها خبر نه هوندي ته ملڪ جا ڪهڙا مسئلا آهن، ٻاهر ويهي اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته ادارن جي اندروني حالت ڪهڙي آ??ي، پاڪستان جي تقدير بدلائڻ ڪو آسان ڪم نه آ??ي، مسئلن جا جيڪي به حل آهن اهي تڪليف ڏيندڙ ?? مشڪل آهن، 2008ع کان 2018ع تائين پاڪستان تي چئوڻو قرض چڙهي ويو، گ??ر تي جڏهن قرض چڙهندو آهي ته ان جو هلڻ مشڪل ٿي ويندو آ??ي، منهنجو تياري بابت بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ ڪيو، هن چيو ته مون کي ملڪي حالتن جي خبر هئي، وزيراعظم بڻجڻ کان پهرين مون ڪيترائي انٽرويو ڏنا ۽ اهو چيو ته پاڪستان جي تقدير بدلائڻ ڪو آسان ڪم نه آ??ي، مسئلا جيڪي به آهن اهي تڪليف ڏيندڙ ?? مشڪل آهن، هن چيو ته 2008ع کان 2018ع تائين پاڪستان تي چار ڀيرا وڌيڪ قرض چڙهي ويو، گ??ر تي قرض ان لاءِ چڙهندو آهي ته آمدني گهٽ ۽ خرچا وڌيڪ هوندا آهن. گ??ر تي جڏهن قرض چڙهندو آهي ته ان جو هلڻ مشڪل ٿي ويندو آ??ي، گ??ر تي قرض چڙهي ته خرچا گهٽ ڪيا ويندا آهن، خرچ گهٽ ڪريون ٿا ته گهر هلائڻ ۾ مشڪلات ايندي آ??ي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ تي جڏهن قرض چڙهي ويندو آهي ته ان جي انهن حالتن مان گذرڻو پوندو آهي.