اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي صاف ۽ سرسبز بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پوري قوم ۽ خاص طور تي نوجوانن تي زور ڏنو ته هو وڻڪ??ري مهم ۾ وڌي چڙه?? حصو وٺن، ٻوٽا لڳائڻ سان گڏوگڏ انهن جي حفاظت تي به خصوصي ڌيان ڏنو ويندو، ان حوالي سان نئين نسل وڌيڪ باشعور آهي، قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ سمورن شهرن جا ماسٽر پلان جوڙيا ويندا، عيدالاضحيٰ تي ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو ويندو، ان سلسلي ۾ انتظاميه کي هدايتون ج??ري ڪيون ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪهوٽا ۾ مون سون جي وڻڪ??ري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.