اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي ??دايت ڪندي چيو آهي ته مشڪل وقت ۾ قوم جي ??اءِ وقت ڪڍندڙ نوجوان قوم جا هيرو آهن، ضلعي، تعلقي ۽ يونين ڪائونسل سطح تي ٽائيگر فورس کي متحرڪ ڪيو وڃي ۽ انتظامي سطح تي بهتر رابطي کي يقيني بڻايو ??ڃي. اها هدايت هن ٽائيگر فورس بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.