اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيلي اسڪول ٽي وي کان گهرن ۾ محدود ٻارن ۽ ڏورانهن علائقن جي ماڻهن کي تعليم جي سهولت ميسر ايندي، ٽيلي اسڪول ٽي وي سان تعليم بالغان کي ب?? فروغ ڏئي سگهجي ٿو، ٽيلي اسڪول ۾ بهتري ??اءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري ??فاقي وزارت ۽ پي ٽي وي جي سهڪار سان شروع ڪيل ٽيلي اسڪول ٽي وي چئنل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪند?? ڪيو.