اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي، ته دنيا جي 90 سيڪڙو واپار شپنگ انڊسٽري ذريعي ٿيندو آهي، ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ نئين شپنگ پاليسي آڻي رهيا آهيون. انهن خيالن جو اظهار وفاقي وزير، هانگ ڪانگ ۾ انٽرنيشنل چيمبر آف شپنگ جي انتظام هيٺ گلوبل ميري ٽائيم ٽريڊ سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير انٽرنيشنل چيمبر آف شپنگ جي چيئرمين ايمينوئل گريملدي ۽ هانگ ڪانگ جي ٽرانسپورٽ اينڊ شپنگ ڊپارٽمينٽ پاران سمٽ ۾ شرڪت جي دعوت ??يڻ تي ٿورو مڃيو. وفاقي وزير ان ??وقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا جو 90 سيڪڙو واپار جو دارومدار شپنگ انڊسٽري تي آهي. پاڪستان جي بندرگاهن کي اسان ڪافي حد تائين بهتر ڪيو آهي. ان ئي بهتري سبب ميرسڪ لائين، ميڊيٽرينين شپنگ ڪمپني، هجي سن ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر ۽ شپنگ انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ??فاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون آهن. وفاقي وزير ٻين عالمي شپنگ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ??ني. اسان جي جاگرافيائي بيهڪ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، ان ذريعي چين، وچ ايشيائي مل??ن ۽ وچ اوڀر ۾ آسانيءَ سان ??اپاري سامان ??هچائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پورٽ قاسم ۽ گوادر جي اونهين بندرگاهن ۾ هينڊلنگ جي ڪافي گنجائش موجود آهي پر، چر پر ان جي اڌ کان به گهٽ آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ويجهو دبئي، جبل علي ۽ سلاله پورٽس ڪافي مصروف آهن. وفاقي وزير چيو ته گوادر پورٽ تي تيزي سان ڪم جاري آهي، اميد اهي ته جلد مڪمل طور آپريشنل ٿي ويندو. تازو ئي وفاقي ڪابينه هدايت ڪئي آهي ته 50 سيڪڙو واپار ان بندرگاهه ذريعي ڪيو ويندو. هي بندرگاهه واپار لاءِ چين، رو??، هانگ ڪانگ ۽ ٻين مل??ن لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. هن خطاب ڪندي چيو ته اسان عالمي سامونڊي تنظيم جي معيار مطابق پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر کي ماحول دوست بڻائي رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان گهٽ ڪاربن خارج ڪندڙ مل??ن ۾ شامل آهي جڏهن ته اسان ??وسمياتي تبديلي سبب وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 مل??ن ۾ شامل آهيون. ان باوجود اسان جي ڪوشش آهي ته ڪاربن کان ??اڪ جهازن ڏانهن منتقل ڪري ڊي ڪاربنائيزيشن پاليسي تي عمل ڪيون. هن چيو ته تازو ئي پاڪستان ??انگ ڪانگ ڪنوينشن تي به صحيحي ڪئي آهي، اسان ??وري ڪوشش ??ند??سين ته ان ??عاهدي تحت شپنگ انڊسٽري کي گرين انرجي تي منتقل ڪيون ته جيئن گدلاڻ گهٽ کان گهٽ هجي. هن اهو به ورجاءُ ڪيو ته هلندڙ سال يا ايندڙ سال جي شروع ۾ نئين ميري ٽائيم پاليسي آڻي رهيا آهيون. ان ??اليسي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ۽ ٻيون سهولتون مهيا ??ند??سين.