ابوظهبي- 19 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارت ۾ پاڪستان سفارتخاني يو اي اي حڪومت طرفان پاڪستاني شهرين تي ويزا پابنديون لاڳو ڪرڻ جي سببن جو حوالو ڏيندي چيو ته دستاويز شيئر ڪرڻ بابت ميڊيا رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ابوظهبي ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ڪالهه جاري بي??ن موجب ان سلسلي ۾ دعويٰ حقيقتن غلط آهي، يو اي اي جي عملدارن اهڙو ڪو دستاويز شيئر ناهي ڪيو. پاڪستان جي يو اي اي س??ن مضبوط ۽ خوشگوار ناتا آهن ۽ ٻئي حڪومتون گڏيل ڳڻتي جي ڪنهن به مسئلي کي باضابطه چينلز ۽ تعميري ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ پُرعزام آهي. بيان ۾ وڌي?? چيو ويو آهي ته سفارتخانو ي?? اي اي ۾ پاڪستاني شهرين جي مفادن جي تحفظ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوس??اڻ?? ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ يو اي اي اي جي عملدارن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.