اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام امپورٽيڊ حڪومت آڻڻ جي ڪوشش خلاف آچر تي احتجاج ڪري، سازش خلاف احتجاج قوم تي فرض آهي، هاڻي آئون خاموش نه ٿيندس، جيڪڏهن مخالف ڌر عوام وٽ مقبول آهي ته پوءِ چونڊن ۾ ڇو نٿي اچي، مون عدم اعتماد کانپوءِ پنهنجي اسيمبلي ٽوڙي عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، سپريم ڪورٽ تڪڙ ۾ فيصلو ڏنو آهي کيس سازشي خط کي ڏسڻ گهرجي ها، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ??ايوسي ٿي آهي، اولهه وارا مون کي ان ??اءِ ڪڍڻ چاهين ٿا جو آئون انهن کي سڃاڻان ??و، منهنجا اصول 26 سالن کان ساڳيا ئي رهيا آهن، تحريڪ انصاف جو بنياد انصاف، انسانيت خودداري تي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ??ايوسي ٿي، عدليه جو احترام ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ کي ٻاهرين سازش جو جائزو وٺڻ گهرجي ها، عدليه انصاف جي محافظ هوندي آهي، عدليه انصاف جو فورم آهي جنهن سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل آهن، عدالت تڪڙ ۾ فيصلو ٻڌايو، عدليه جي بحالي جي تحريڪ ۾ جيل به ڀوڳي. وزيراعظم عمران خان ??ي وي تي قوم کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجا اصول 26 سالن کان ساڳيا ئي رهيا آهن، تحريڪ انصاف جو بنياد انصاف، انسانيت ۽ خودداري تي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ??ايوسي ٿي، عدليه جو احترام ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ کي خط جو جائزو وٺڻ گهرجي ها، عدليه انصاف جي محافظ هوندي آهي، عدليه انصاف جو فورم آهي جنهن سان ڪيتريون ئي اميدون واڳيل آهن، عدالت تمام جلد فيصلو ٻڌايو، عدليه جي بحالي جي تحريڪ ۾ جيل به ڀوڳي. ميمبرن جي خريداري جو ننڍي وڏي کي پتو آهي، ميمبرن جي خريد ۽ وڪري سان 22 سالن جي جدوجهد کي جهٽڪو لڳو، حد ته آهي ته مخصوص سيٽن وارا به وڪرو ٿيڻ لڳا. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اولهندي ملڪن ۾ ميمبرن جي خريداري جو ڪير به سوچي نٿو سگهي، اولهندي ملڪن ۾ ڪو غير قانوني ڪم ڪري ته عوام رستن تي اچي ويندي آهي، و??يراعظم چيو ته ٻاهرين طاقتن کي پهرين ئي بي اعتمادي جي رٿ جي خبر هئي، ڳجهي معلومات ملڪ جي مفاد جي ڪري عوام سامهُون نٿي آڻي سگهجي، اسپيڪر آرٽيڪل 5 تحت بي اعتمادي رٿ رد ڪري ڇڏي، اسان اهڙي طرح جي تماشن سان ??وجوان ??سل کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيون، نوجوان ??سل جي بهترين تربيت قومي ترقي لاءِ اڻٽر آهي، خط ۾ ٻڌايو ويو ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ خراب نتيجا ڀوڳڻا پوندا، و??يراعظم عمران خان چيو ته چيو ويو ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي ته پا??ستان کي معاف ڪنداسين، آمريڪي سفارتخانو مخالف ڌر اڳواڻن سان ??سلسل رابطي ۾ رهيو، قرضي ملڪن کي سدائين غلامي ڪرڻي پوندي آهي، هن چيو ته الهندو معاشرو حقيقت ۾ امر بالع??رو?? تي هلي رهيو آهي، خط ۾ ٻڌايو ويو ته عمران خان کي روس نه وڃڻو گهربو هو، ٻاهرين قوتن جي مداخلت 22 ڪروڙ عوام جي توهين آهي، و??يراعظم چيو ته فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان کي خوددار ملڪ بڻجڻو آهي يا غلامي ڪرڻي آهي، قوم کان ??ڇان ??و ته هو ڪهڙي قسم جو پا??ستان چاهي ٿي، سوچڻو پوندو ته اولهندي جا ملڪ عمران خان ڇو ڪڍڻ پويان آهن، و??يراعظم چيو ته ڇانگا مانگا جي سياست سان ??لڪ بري طرح متاثر ٿيو آهي، اها سياست شريف ڀائرن شروع ڪئي، ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاءِ برائي جي خلاف بيهڻو پوندو، اولهندي دنيا کي آئُون چڱي ريت ڄاڻان ??و، مون آمريڪي ڊرون حملن جي خلاف ڀرپور مظاهرا ڪيا، اسان جي ڪنهن سان جنگ نه آهي، ملڪ لاءِ امن چاهيون ٿا، و??يراعظم چيو ته آمريڪي جنگ ۾ 80 هزار جانين جي قرباني ڏني آمريڪي پابندين کانسواءِ ملڪ کي ٻيو ڇا مليو، ملڪ جو مستقبل ۽ جمهوريت نوجوان ??سل جي هٿ ۾ آهي، اسان جي ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، و??يراعظم عمران خان چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪندڙ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي خلاف آهن، هن چيو ته ڪرپٽ مخالف ڌر وارا آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ڇا ميمبرن جي خريداري سان حڪومت ڪيرائڻ جمهوريت آهي؟ مخالف ڌر وارا جمهوريت جا دعويدار آهن ته چونڊن ۾ مقابلو ڪن، و??يراعظم چيو ته ڪرپٽ ٽولو مشرف دور ۾ به اين آر او وٺي چڪو آهي، عمران خان چيو ته ڇا آمريڪا ڀارت جي اندروني معاملن ۾ اهڙي طرح مداخلت ڪري سگهي ٿو، اڳوڻين حڪومتن ملڪ کي قرض جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو، هن چيو ته سويت يونين جي خلاف فرنٽ لائن بڻجڻ جي ڪري وڏو نقصان کنيو، و??يراعظم چيو ته پرڏيهي پاليسي جو محور 22 ڪروڙ عوام آهي، و??يراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته هي ملڪ عظيم بڻجندو، و??يراعظم چيو ته برطانيه ۾ 30 لک ماڻهو عراق تي حملي جي خلاف نڪتا، هن چيو ته هي خط سائيفر هو اهو انتهائي ڳجهو هوندو آهي، ان تي هڪ ڪوڊ هوندو آهي، ان جي لاءِ ان کي ڳجهو رکڻ لاءِ ان کي منظر عام تي نٿو آڻي سگهجي، و??يراعظم چيو ته آمريڪي عهديدار پا??ستان جي سفير کي ٻڌايو ته جيڪڏهن عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي ته ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا پر جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پا??ستان کي معاف ڪري ڇڏينداسين، کيس خبر هئي ته ڪنهن شيرواني سبرائي آهي، ان جو اهو تڪبر 22 ڪروڙ عوام جي توهين آهي جيڪڏهن اهو ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ پا??ستان جو ڏهاڙو ۽ آزادي جو ڏهاڙو ڇو ملهائيندا اهيون، هن چيو ته ائين ٿيڻ سان ئي ايم اين ايز جو ضمير جاڳي پوي ٿو، ميڊيا ۾ پئسو هلي ٿو ۽ اها انهن جي حمايت ڪرڻ شروع ڪري ٿي، هن چيو ته اسان کي خبر پئي ته آمريڪي سفارتخاني وارا اسان جي ميمبرن سان ??لي رهيا آهن، هن چيو ته شيرواني سبرائيندڙ انهن کي پيغام ڏئي رهيا هئا ته فقير ڪجهه نٿا ڪري سگهن، هن چيو ته اولهه کي مون کان ??ڌيڪ ٻيو ڪير سڃاڻي ٿو ان ??اءِ هي مون کي ڪڍڻ چاهين ٿا ڇو ته اهي مون کي سڃاڻين ٿا، منهنجو ڏوهه آهي ته مون ڊرون حملن جي مخالفت ڪئي، عراق جنگ جي مخالفت ڪئي، افغانستان ۾ فوجي ڪارروائي جي مخالفت ڪئي ۽ انهن کي خبر آهي ته عمران خان جا ٻاهرين ملڪ ۾ جائيداد ناهي ان ??اءِ هي ڪٺ پتلي نٿو بڻجي سگهي، جڏهن ته بيگرز آر ناٽ چوزرس وارا جا پئسا ٻاهر پيل آهن ۽ اهي ان ??ن جي اڳيان ??ٿا ڳالهائين جو انهن کي خبر آهي ته انهن جا اهي اڪائونٽ ۽ جائيدادون ضبط ٿي وينديون، هن چيو ته ڊرون حملن ۾ بي گناهه ماڻهو ماريا ويندا هئا پر ڪو پڇڻ وارو نه هوندو هو، ان ??اءِ اهي چاهين ٿا ته اقتدار ۾ اهڙا ماڻهو اچن جيڪي ڪجهه نه چون، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڊشمني نه آهي پر ٻي قوم لاءِ پنهنجي قوم جي قرباني نٿو ڏئي سگهان، اسان جا اقتدار ۾ ايندڙ اڳواڻ ڊالرن جي لاءِ قوم کي جنگ ۾ ڌڪي ڇڏيندا آهن، نائين اليون کانپوءِ اسان ??يهر انهن جا اتحادي ٿي وياسين، ان جنگ جو ڪو به فائدو نه ٿيو پر ذلت کڻڻي پئي، هن چيو ته پرڏيهي پاليسي آزاد ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار هو تاريخ ۾ لکيو ويندو، جيڪڏهن اڄ اسان ??ه اٿي بيـٺاسين ته پوءِ سپر پاور اربين روپيا لڳائي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندي، هن چيو ته عمران خان آمريڪا مخالف نه آهي، پر اسان ??ڪطرفا لاڳاپا نٿا چاهيون اسان گڏيل لاڳاپا چاهيون ٿا، هن چيو ته قوم کي پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جو تحفظ ڪرڻو آهي مون 22 سال ڊگهي سياسي جدوجهد ڪئي آهي، جنهن جي ڪري الله عوام جون دليون مون ڏانهن موڙي ڇڏيون، ۽ مون پريڊ گرائونڊ ۾ ملڪي تاريخ جا سڀ کان ??ڏا جلسا ڪيا، آئون عدم اعتماد تي پنهنجي اسيمبلي ختم ڪري عوام وٽ وڃي رهيو هئس ته جيئن عوام فيصلو ڪري، هي ڪهڙو طريقو آهي ته جو ٻاهر کان سازش ڪري پئسن سان ??اڻهن جا ضمير خريد ڪري وزيراعظم ٿيڻ هليا آهن جيڪي منهنجي خلاف گڏ آهن اهي هڪٻئي تي ڪرپشن جا الزام هڻندا هئا، ڪيس به انهن هڪٻئي جي خلاف ٺاهيا آهن هي عوام وٽ ڇو نٿا وڃن، چونڊن کان ڇو ڀڄي رهيا آهي، هي اين آر او ٽو چاهين ٿا، هي حڪومت ۾ اچي پنهنجي ڪرپشن جا ڪيس ۽ نيب کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته مون ڪڏهن به نيوٽرل امپائر کانسواءِ ميچ ناهي کيڏي، هي اي وي ايم کي به ختم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ جن پرڏيهي پا??ستانين جي پئسي سان ??لڪ هلندو آهي انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ خلاف آهن، و??يراعظم چئلينج ڪيو ته جيڪڏهن اهي عوام ۾ مقبول آهن ته چونڊن ۾ اچن پر هي ميچ فڪس ڪري پنهنجي پسند جا آفيسر لڳائي چونڊن ۾ ويندا، هن چيو ته آئون هاڻي خاموش ٿي نه ويهندس، هن سازش جي خلاف احتجاج قوم تي فرض آهي، ان سان اسان زنده قوم هجڻ جو ثبوت ڏينداسين، و??يراعظم قوم کي زور ڏنو ته هو اٿي بيهي، امپورٽيڊ حڪومت آڻڻ جي ڪوشش خلاف سڀئي آچر تي عشا کانپوءِ ٻاهر نڪرن ۽ پرامن احتجاج ڪن.