اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ 15 مارچ ت?? عالمي ڏينهن ملهائڻ جي گڏيل قومن ۾ پاڪستان پاران پي?? ڪيل قرارداد جي منظوري تي مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اڳيون چئلينج ان تاريخي قرارداد تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته آئون مسلمان امت کي اڄ مبارڪباد پي?? ڪريان ٿو ته جڏهن اسلامو فوبيا جي خلاف اسان جي بلند ڪيل آواز کي ٻڌو ويو ۽ گڏيل قومن پاڪستان پاران او آءِ سي جي نمائندي طور تي متعارف ڪرايل قرارداد کي منظور ڪيو ويو جنهن ۾ 15 مارچ کي اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي ڏينهن طور ملهائڻ آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن گڏيل قومن آخرڪار دنيا کي وڙهائڻ جي در??يش اسلامو فوبيا، باقاعده منصوبابندي سان نفرت آميز تقريرن ۽ مسلمان امت جي خلاف فرق جي روڪٿام جي حوالي سان در??يش وڏن چئلينجن جو ادراڪ ڪري ورتو آهي. وزيراعظم چيو ته اڳيون چئلينج ان تاريخي قرارداد تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي.