اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سامونڊي ??عاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي سان سندس والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??يو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ مملڪتي وزير چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل خاندان سان گڏ آهيون، مملڪتي وزير چيو ته علي زيدي جي والد جي ڪامل م??فرت ۽ بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيون، فرخ حبيب چيو ته مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهجي.