بيجنگ – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري ت?? بيجنگ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب چين جي سف??ر ووجائي ۽ چين ۾ پاڪستان جي سف??ر معين الحق وزيراعظم جو هوائي اڏي ت?? استقبال ڪيو. وزيراعظم بيجنگ ونٽر اولمپڪس 2022ع جي افتتاحي ت??ريب ۾ شرڪت کانسواءِ صدر شي جنگ پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ٻطرفي معاملن تي ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي سي پيڪ فريم ورڪ تحت واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ اهم ??لائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ ايندا. ان موقعي ت?? وزيراعظم چين جي مشهور ڪاروباري اڳواڻن، مشهور ٿنڪ ٽينڪس، دانشورن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان آن لائن ملاقاتن کانسواءِ اهم ٻطرفي ملاقاتن ۾ به شريڪ ٿيندو.