اسلام آباد ??? 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سياسي معاملن واري خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي گذريل ڏينهن منعقد ٿيندڙ اجلاس ۽ قانونسازي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ??ئي. وزيراعظم عمران خان پارٽي ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن جو اهم ملڪي معاملن ۽ سپليمنٽري فنانس بل جي منظوري تي ٿورو ادا ڪيو ۽ ملڪ عامر ڊوگر جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم اجلاس جي ميمبرن جي شرڪت ۽ قانونسا??ي جي حوالي سان ڪارڪردگي تي به رپورٽ طلب ڪئي. وزيراعظم عمران خان ملڪي ترقي لاءِ ??ارليامينٽ جي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ ۽ موثر قانونسا??ي جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان ميمبرن کي سندن تڪن جي مسئلن جي حل، ترقياتي بجيٽ جي فراهمي ۽ عوامي ڀلائي جي م??صو??ن جي مقرر مدي ۾ تڪميل کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.