اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول اڄ جي ڏينهن مطالبو ڪري ها ته ڪرپشن، جعلي اڪائونٽس ۽ ڦرلٽ ڪندڙن کي نشان عبرت بڻايو وڃي، ڪير وهم ۾ نه رهي، اسان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز هن ڌرتي کي دهشتگردي کا?? پاڪ ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي خطاب تي ردع??ل جو اظهار ڪندي ڪيو. اڄ اسان جو پيارو پاڪستان ان لاءِ مشڪل ۾ آهي ته ماضي ۾ زرداري ۽ شريف فيملي ملڪي ن??ڻي کي بيدردي سان ڦريو. فرخ حبيب چيو ته بلاول ڀٽو، سنڌ جي عوام کي ذخيره اندوزن، ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي ڇو ڇڏيو آهي؟ مملڪتي وزير چيو ته سنڌ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راڄ آهي، عوام انهن ڪرپٽ حڪمرانن کا?? ڇوٽڪارو گهري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سڀ کا?? وڌيڪ مهانگائي آهي، اڄ به 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1500 رپين کا?? به مهانگو ملي رهيو آهي. فرخ حبيب چيو ته 2023ع ج?? اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جو سنڌ ۾ به خاتمو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته بلاول صاحب، پنهنجي اين آر او سٽيل زرداري کي به سمجهايو ته اين آر او وٺڻ جي لاءِ ڪوششون بند ڪري. مملڪتي وزير چيو ته بلاول ٻڌائي ته 13 سالن ۾ اهڙو ڪهڙو وڏو ڪم سنڌ جي عوام جي لاءِ ڪيو آهي؟