اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته اڄ پوري قوم اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪري رهي آه??، ان سانحي پوري دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو هو، اي?? پي ايس سانحي جي شهيدن جي ستين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ فرخ حبيب چيو ته حڪومت سميت پوري قوم اي?? پي ايس شهيدن جي پوئينرن سان گڏ بيٺل آه??، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اي پي ايس جي معصوم هيروز جي قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. مملڪتي وزير چيو ته اي پي ايس سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام دهشتگردي جي خلاف قرباني??ن ڏنيون. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش نه آه??، اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز تي فخر آه??، جنهن پنهنجي جانين جو ??ذرانو پيش ڪري امن قائم ڪيو آه??.