اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين يوريا ڀاڻ جي دستيابيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪن??ي گيس ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته هو ڀاڻ جي يونٽس کي پيداوار لاءِ گيس جي فراه??ي يقيني بڻائين. فنانس ڊويزن ۾ ڀ??ڻ بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪن??ي شوڪت ترين سمورين لاڳاپيل ڌُرين کي سيلز ٽيڪس ري فنڊ ۽ گيس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) جي ادائيگين بابت اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ صنعتن ۽ پيداوار واري سيڪريٽري اجلاس کي ملڪ ۾ ڀاڻ جي طلب ۽ رسد جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. سيڪريٽري چيو ته سوئي ناردرن گيس پائيپ لائن لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي بنياد تي يوريا پلانٽس کي گيس جي فراهمي جنوري 2022ع تائين 3 لک م??ٽر?? ٽن اضافي پيداوار کي يقيني بڻائيندي. حڪومت پاڪ عرب فرٽيلائيزر لميٽيڊ ۽ فوجي فرٽيلائيزر بن قاسم لميٽيڊ (ايف ايف بي ايل) سميت سمورن ڀاڻ يونٽن کي وڌ کان وڌ گيس جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته هڪ لک م??ٽر?? ٽن يوريا جي ايڪسپورٽ لاءِ ٽينڊر پڻ ڏنا ويا آهن. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير سيد فخر امام، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، پيٽروليم ۽ صنعتن واري ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ناڻي جي وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.