دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اڪ??ام?? ويزن تحت اسان سي پيڪ کي وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، افغانستان جي معاملي کا?? پهرين به اسان وچ ايشيائي رياستن تي ان باري ۾ زور ڏيندا رهيا آهيون. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ازبڪستان سان ٽرانس مزار شريف ٽرين ۽ روڊ نيٽ ورڪ منصوبي تحت اسا?? گوادر کا?? ڪراچي کي مزار شريف جي رستي پهرئين ئي تاشقند ۽ ان کا??پوءِ دوشنبي ۽ قازقستان سان ملائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سمورين وچ ايشيائي رياستن ان منصوبي تحت ٽرين ۽ رستي سان ڳنڍجي وينديون ۽ پورو منظر نامو بدلجي ويندو، چو??ري فواد حسين چيو ته اسان کي پوري اميد آهي ته افغانستان ۾ صورتحال بهتر ٿيندي، قازقستان جي صدر سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ به افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغانستان يا ته استحڪام طرف ويندو يا مڪمل نقصان ڏانهن، هن چيو ته عالمي دنيا افغانستان ۾ طالبان عملدارن سان ايگريمينٽ ڪري هلي ٿي ته ان ۾ افغانستان ۽ دنيا جو فائدو ٿيندو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان افغانستان کي موجوده صورتحال ۾ رستي ۾ ڇڏي ڏنو ته ان سان مسئلا پيدا ٿيندا.