نماد/122243.html">اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپارين ۽ صنعتڪارن تي زور ڏنو آهي ته هو عورتن ۽ معذور ما??هن کي پنهنجي ادارن ۾ ملازمت ڏئي انهن جي مالي شموليت ۽ با??ختيار بڻائڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، حڪومت پنهنجي ڪاروبار لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪيا آهن. نوجوانن، عورتن ۽ خصوصي ما??هن کي قرضن کي حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن چيمبر جي صدر قيصر اقبال بريال جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي برآمدي صلاحيت ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ان جي حصيداري جي با??ي ۾ آ??اه?? ڪيو. قيصر اقبال بريال صدر کي سيالڪوٽ جي واپاري برادري کي درپيش مسئلن کان به آ??اه?? ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفد کي خاطري ڪرائي ته سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري مدد فراهم ڪئي ويندي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته معذور ما??هو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو آهن ۽ انهن کي ڪاروباري برادري جي خصوصي تعاون سان هنر جي فراهمي جي ذريعي روزگار ۽ مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت نوجوانن، عورتن ۽ معذور ما??هن کي با??ختيار بڻائڻ ۽ انهن جي مالي شموليت تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان سلسلي ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن ته جئين هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن، هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته آ??اه?? جي کوٽ جي ڪري ما??هو حڪومت پاران پيش ڪيل قرضن مان ڀرپور فائدو ناهن وٺي سگهيا ۽ قرضن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي سهولت ۽ رهنمائي جي ضرورت تي زور ڏنو. بعد ۾ روالپنڊي ، نماد/122243.html">اسلام آباد ۽ اٽڪ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عورت نمائندن تي ٻڌل هڪ وفد به صدر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ آڪٽوبر ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان ما??هن ۾ شعور پيدا ڪرڻ با??ت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد ڇاتي جي ڪينسر با??ت آ??اه?? مهم ۾ پنهنجي تعاون جي آڇ ڪئي ۽ صدر کي يقين ڏياريو ته هو اين جي اوز، عورتن جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان ان بيماري جي با??ي ۾ آ??اه?? پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.