اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته چونڊ سڌارا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان ٿيندڙ بريفنگ دوران ڏني. وزيراعظم کي چونڊ سڌارن جي ڏس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ۽ قانونسازي جي حوالي سان هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني و??ي. ??زيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو چونڊ عمل ۾ استعمال ۾ ??فا??يت ۽ سڀني آئيني گهرجن کي پورو ڪرڻ جي هدايت ڏيندي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته موجوده حڪومت ملڪ جي چونڊ عمل ۾ ??فا??يت يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پرعزم آهي.