اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس جي ڪ??ي پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس سبب 151 فوتگيون ٿيون جنهن مان 60 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 480 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 73 سيڪڙو، لاهور ۾ 73 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 62 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 73 سيڪڙو مريض آه??. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وا??ن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 70 سيڪڙو، صوابي ۾ 67 سيڪڙو، مردان ۾ 65 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 60 سيڪڙو مريض آه??. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 57 هزار 13 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 716، پنجاب ۾ 26 هزار 338، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 261، اسلام آباد ۾ 5 هزار 651، بلوچستان ۾ 929 گلگت بلتستان ۾ 241، آزاد ڪشمير ۾ 877 ٽيسٽ شامل آه??. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 7 لک 8 هزار 193 ٿي چڪو آه??. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آه??. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 689 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 89 هزار 838 آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 15 هزار 711 آه??.