اسلام آب??د – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان ۽ اڳوڻي قبائلي علائقن مان چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ماضي ۾ نظر انداز ڪيل علائقن جي عوام جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ان سان وفاق وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻ?? ۽ ??پٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.