اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪورونا ويڪسين حاصل ڪرڻ ج?? حوالي سان قائم ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي و??ير محمد حماد اظهر، منصوبابندي و??ري وفاقي و??ير اسد عمر، وزيراعظم جي صحت واري ??اص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ سماجي ڀلائي و??ري ??اص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٻه ويڪسينز جي ايمرجنسي استعمال جي منظوري ڏني و??ي آهي. ان کانسواءِ وڌيڪ و??ڪسينز جي منظوري جي لاءِ قدمن کي فاسٽ ٽريڪ ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منظور ٿيل ٻن ويڪسينز کي حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ قدم جاري آهن ۽ هن سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ويڪسينز جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.