اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وزير نثار احمد فيضي هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ان ??وقعي تي موجود هو. وزيراعظم افغان ??زير جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان ??اران افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان جي مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي سياسي حل جي ض??ورت تي زور ڏنو، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پوري خطي لاءِ فائديمند ٿيندو، ان سان علائقائي رابطاڪاري وڌندي ?? اقتصادي تعاون جا نوان ??وقعا پيدا ٿيندا.