اسلام آب??د – 28 – جون (اي پي ??ي) وز??راعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايوان ۾ مختلف وزارتن جي ناڻي جي مطالبن جي منظوري جو عمل جاري هو ته ان دوران وز??راعظم وفاقي وز??ر اياز صادق ۽ ٻين سان گڏ ايوان ۾ آيو. ميمبرن ڊيسڪون وڄائي وز??راعظم جي آجيان ڪئي. وز??راعظم سان ايوان ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جا ميمبر ملاقاتون ڪندا رهيا ۽ پنهنجي تڪن جي مسلئن کان کيس آگاهه ڪندا رهيا. وز??راعظم ڪجهه ميمبرن جي مسئلن تي موقعي تي ئي حڪم پڻ جاري ڪيا. وز??راعظم سان قمر زمان ڪائره، ناڻي واري وفاقي وز??ر مفتاح اسماعيل، سردار اياز صادق، مرتضيٰ جاويد عباسي، عائشه رجب بلوچ، ڊاڪٽر رميش ڪمار وينڪواڻي، شاهه زين بگٽي، راڻا تنوير حسين، شگفته جماڻي، ڊاڪٽر نثار چيما، راڻا تنوير الحسن نور ۽ ٻين پڻ ملاقاتون ڪيون.