اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي ??ار??هيندي زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش ج?? اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان ورلڊ بئنڪ ڏکڻ ايشيا ريجن جي نائب صدر مسٽر هارٽ وگ شيفر ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف نائب صدر جي آجيان ڪندي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي ??ار??هيو. وزيراعظم ڌرين جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن خاص طور تي زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش ج?? اظهار ڪيو. ڌرين ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.