اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اورنج لائين ميٽرو بس سان گڏ راولپنڊي صدر ۽ اسلام آباد سيڪريٽريٽ طرف ميٽرو روٽ کي به ڳنڍيو وڃي، پشاور ??وڙ کان اسلام آباد ايئرپورٽ تائين ميٽرو روٽ کي ڳنڍڻ جي لاءِ فيض احمد فيض اسٽيشن تي ??نڪ??ن سومر تائين تيار ۽ نئين روٽ سان ڳنڍجي ويندو. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف پاران افتتاح کانپوءِ في الحال اورينج لائين ميٽرو پشاور ??وڙ تي اين ايڇ اي اسٽيشن کان ايئرپورٽ تائين فعال آهي. وزيرا??ظم سي ڊي اي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته هو اورنج لائين سان گڏ راولپنڊي صدر ۽ اسلام آباد سيڪريٽريٽ طرف ميٽرو روٽ کي به ڳنڍي، ان لاءِ فيض احمد فيض اسٽيشن تي هڪ ??نڪ??ن تيار ڪيو پيو وڃي جيڪو سومر تائين تيار ٿي ويندو. سومر کان راولپنڊي جا مسافر وزيرا??ظم جي هدايت جي نتيجي ۾ هوائي اڏي جي ڪنيڪشن سان گڏوگڏ اورنج لائين جي ذريعي گولڙه ۽ نسٽ کان لنڪ به استعمال ڪري سگهندا. اهو وزيرا??ظم شهباز شريف پاران راولپنڊي اسلام آباد جي عوام لاءِ وڏو تحفو آهي.