اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) اليڪشن ??مي??ن چيو آهي ته ??مي??ن کي تڪبندين لاءِ چار مهينا جڏهن ته عام چونڊن لاءِ وڌيڪ 3 مهينا گهربل هوندا، اليڪشن ??مي??ن آڪٽوبر 2022ع تائين صاف شفاف عام چونڊون منعقد ڪرائي سگهي ٿي. اليڪشن ??مي??ن پاران صدر پاران چونڊن جي تيارين جي حوالي سان لکيل خط جي جواب ۾ صدر کي لکيل خط ۾ اليڪشن ??مي??ن چيو آهي ته اليڪشن ??مي??ن هڪ آزاد آئيني ادارو آهي جنهن جي آئيني ذميداري چونڊون منعقد ڪرائڻ آهي جيڪا ان کي آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت حاصل آهي، چونڊن لاءِ تڪبنديون هڪ بنيادي قدم آهي، چونڊ قانون 2017ع جي سيڪشن 17 ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 (5) تح?? آخري آدم شماري جا سرڪاري انگ اکر جاري ٿيڻ کانپوءِ آبادي جي بنياد تي تڪ بنديون ڪرائڻ اليڪشن ??مي??ن جي ذميداري آهي، ڇهين آ??مش??اري جنهن جو انعقاد 2017ع ۾ ٿيو هو ان جا انگ اکر 3 جنوري 2018ع تي جاري ڪيا ويا جنهن جي بنياد تي آرٽيڪل 51 (5) ۾ ترميم جي ذريعي هڪ ڀيري لاءِ تڪ بندين جي اجازت ڏني وئي جنهن جي بنياد تي 2018ع جي عام چونڊن لاءِ تڪبنديون ڪيون ويون، خط ۾ چيو ويو آهي ته 25 هين آئيني ترميم تحت فاٽا کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون گهٽ ٿي ويون آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي جُون سيٽُون 272 کان گهٽجي 266 ٿي ويون آهن ان جي ڪر?? نيون تڪ بنديون لازمي آهن تنهن هوندي به ايئن ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين پاڪستان بيورو آف شماريات پاران آ??مش??اري جا سرڪاري نتيجا جاري نٿا ڪيا وڃن، خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ان کان اڳ اهو فيصلو ڪيو ته ڊجيٽل آ??مش??اري جو انعقاد ڪرائي ويندي جنهن کانپوءِ اليڪشن ??مي??ن پاران سيپٽمبر 2021ع ۽ جنوري 2022ع تي پارليماني معاملن واري وزارت کي ڊجيٽل آ??مش??اري جي نتيجن جي ڇپائي ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٻه ڀيرا خط لکيو ويو، ڊجيٽل آ??مش??اري جو اهو منصوبو مارچ 2023ع ۾ مڪمل ٿيڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي، اليڪشن ??مي??ن کي هن وقت تائين لاڳاپيل وزارتن پاران ڪو به جواب ناهي مليو جنهن جي ڪر?? تڪ بندين ۾ دير ٿي رهي آهي، اليڪشن ??مي??ن چونڊن جي انعقاد لاءِ پرعزم آهي تنهن هوندي به وڌيڪ چار مهينا تڪ بندين لاءِ گهربل هوندا، چونڊن جو ايمانداراڻو، شفاف ۽ منصفاڻو انعقاد آڪٽوبر 2022ع تائين ممڪن آهي، اليڪشن ??مي??ن صدر سان وڌيڪ غور لاءِ ملاقات جي به درخواست ڪئي آهي.