اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پشاور موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هڪ سادي ۽ پروقار تقريب منعق?? ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف تختي جي نقاب ڪشائي ڪري منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. 26.5 ڪلوميٽر ان ميٽرو بس منصوبي سان جاڙن شهر?? کانسواءِ ٻين شهرن مان ايندڙ هزارين شهري پڻ فائدو کڻندا. تقريب ۾ ترڪيءَ جي سفير کانسواءِ چيني سفارتخاني جو ڊپٽي هيڊ آف مشن پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ سنڀاليندي ئي ميٽرو بس منصوبو ج??د مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.