اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوامي رابطا مهم جي س??سل?? ۾ اڄ جمعي تي مانسهره ۾ جلسي عام کي خطاب ڪندو. خميس ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فيصل جاويد خان چيو ته مخالف ڌر جو بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي ٿورو ادا ڪريون ٿا، منڊي بهاوالدين، ميلسي، دير، حافظ آباد، س??ات، درگئي جي ڪامياب جلسن کانپوءِ هاڻي مانسهره جو وارو آهي، وزيراعظم اڄ جمعي تي عوامي رابطا مهم تحت مانسهره، هزاره ۾ جلسي عام کي خطاب ڪندو. عوام کي وزيراعظ?? تي ڀرپور اعتماد آهي.