اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن ملاقات ڪئي. و??ير??عظم عمران خان ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ حڪومت جي معاونت کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن ڪورونا بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ان بحران دوران پاڪستان جي معيشت ڪيترن ئي ملڪن کان تمام گهڻي بهتر رهي ??هي?? بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ان جي ڪوششن ۾ معاونت جاري رک??دي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر و??ير??عظم کي خاطري ڪرائي ته بئنڪ پاڪستاني معيشت جي واڌويجهه کي تيز ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي معاونت جاري رک??دي.