اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته شاگرد علم حاصل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏين، ملڪ ۾ روايتي تعليم سان گڏوگڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم جو فروغ ضروري آه??، ڪيريئر ڪونسلنگ جي حوالي سان تقريبن جو انعقاد پ??ڪستان جي هر صوبي ۽ هر اسڪول ۾ هجڻ گهرجي، نوجوان ڪيرييئر جي چونڊ ۾ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکن، آءِ ٽي مان نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي ??هي?? آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنه سينٽر ۾ تعليم واري وفاقي وزارت جي اهتمام هيٺ ڪيريئر ڪونسلنگ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني، ايڊيشنل سيڪٽري محي الدين واني، مختلف يونيورسٽين جي وائنس چانسلرز سميت تعليمي ماهر ۽ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي ماتحت اسلام آباد جي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي تعداد به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ان اهم تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ خوشي جو سبب آه??، هن تقريب جي انعقاد تي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير جو ٿورو ادا ڪيو، صدر چيو ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت شاگردن جي ڪونسلنگ لاءِ بهترين ڪم ڪيو آه??، اهڙا پروگرام ملڪ جي سمورن صوبن ۾ ٿيڻ گهرجن ۽ ان جو دائرو وڌائڻ گهرجي. ماضي ۾ ڪيريئر ڪونسلنگ نه هئي، ان لاءِ ماضي ۾ ملڪ ۾ وڏي تعداد ۾ شاگرد ڊاڪٽري جو پيشو اختيار ڪري ورتو ۽ ملڪ ۾ اسپتالن جي کوٽ ۽ روزگار جي موقعن جي عدم موجودگي جي ڪري اهي ٻاهرين ملڪ هليا ويا، صدر شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو پاڪستان جو مستقبل آه??، ان لاءِ هو علم حاصل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏين، علم جتان کان به ملي ان کي حاصل ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻين تائين پيغام پهچائڻ لاءِ ڪميونيڪيشن اسڪلز وڏي اهميت رکندڙ آه??، سچائي جو دامن نه ڇڏيو وڃي ته دنيا جي هر ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، صدر چيو ته ملڪ ۾ لکين ٻار تعليم حاصل ڪري ??هي?? آه??، هن چيو ته ڪيريئر جي چونڊ ۾ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، دنيا کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت يافته ماڻهن جي ضرورت آه??، اڄ عورتون گهر ويٺي انٽرنيٽ جي ذريعي لکين روپيا ڪمائي رهيون آه??، انفارميشن ٽيڪنالاجي سان نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي ??هي?? آه??، هن چيو ته ٽيڪنالاجي پاڪستان جي نوجوانن لاءِ به رستا کولي ڇڏيا آه??، پاڪستان کي نوجوان آبادي مان فائدو کڻڻ گهرجي. دنيا کي آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ هنرمند افرادي قوت جي سخت ضرورت آه??. صدر شاگردن کي چيو ته هو اخلاقي تربيت تي پنهنجو ڌيان ڏين، استادن جو احترام ڪن ۽ پنهنجي والدين جا ٿورائتا رهن جنهن کين پاليو ۽ انهن جي تربيت ڪئي آه??. هن چيو ته شاگردن کي معاشري ۾ همدردي جو جذبو به رکڻ گهرجي، صدر چيو ته پاڪستان جنهن ان??از سان ترقي ڪري رهيو آه?? ان جي نتيجي ۾ هو جلد هڪ ترقي يافته ملڪ بڻجندو، اسان سڀني جي ذميداري آه?? ته تعليم کي فروغ ڏنو وڃي، نوجوان نسل ملڪ کي ترقي ڪندو ڏسندو. هن چيو ته فيڪ نيوز سان سڀ کان وڌيڪ خطرو نوجوانن کي آه??، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني پنهنجي خطاب ۾ تقريب ۾ شرڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته تعليم سميت ملڪ جي هر شعبي ۾ ڊجيٽلائيزيشن ٿي آه??، دنيا وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آه??، شاگردن جي ڪيريئر ڪونسلنگ جي لاءِ 70 کان وڌيڪ ادارن ايڪسپو ۾ اسٽال لڳايا آه??، هن چيو ته شاگردن کي فيصلاسازي ڪندي احتياط ڪرڻو پوندو.