اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن پاران اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي خصوصي ا??لا?? ۾ کنيل قدمن تي عمل ڪندي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ امداد جي اپيل جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن پاران جاري ڪيل خبر جو حوالو ڏيندي چيو ته آئون عالمي برادري کان افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ لاءِ امداد جي اپ??ل ڪري رهيو آهيان جتي ماڻهو 40 سالن جي تڪرارن جي ڪري شديد مشڪلاتن جو شڪار آهن، واضح رهي ته گڏيل قومن افغانستا?? لاءِ 2022ع ۾ پنج ارب ڊالر جي امداد جي اپ??ل ڪئي آهي جيڪا ڪنهن به هڪ ملڪ لاءِ انساني بحران روڪڻ لاءِ سڀ کان وڏي اپيل آهي، گڏيل قومن پاران ٻڌايو ويو ته 4 ارب 40 ڪروڙ ڊالر افغانستان جي اندر جڏهن ته 62 ڪروڙ 30 لک ڊالر افغانستان کان ٻاهر رهندڙ?? لاءِ گهربل آهن، افغانستان جي اڌ آبادي کي هن وقت بک کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.