اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي، ڀارت جي ابتڙ پاڪستان ۾ اقليتن جي نمائندگي وڌيڪ آهي ۽ اقليتن کي وڌيڪ حق ڏنا ويا آهن. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ اقليتي ميمبر لال چند مالهي جي قيادت ۾ اقليتن جي وفد سان ڪراچي جي گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران چئي. صدر چي?? ته سنڌ صوبو مذهبي هم آهنگي ۽ برداشت جي حوالي سان ڊگهي تاريخ جو امين آهي. هن چي?? ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح سدائين ملڪ جي سمورن شهرين جي عقيدي ۽ مسلڪ کان مٿانهون هڪ جهڙن حقن جي ڳالهه ڪئي. هن چي?? ته حڪومت ملڪ ۾ مذهبي سيا??ت جي فروغ لاءِ ڪيترائي ق??م کنيا آهن، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ٺٽي ۾ هندومت ۽ ٻڌمت جا تاريخي مذهبي آثار آهن ۽ انهن علائقن ۾ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو.