اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا ۾ پهرئين مرحلي جي بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي س??ورين تنظيمن کي تحليل ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي قومي قيادت تي ٻ??ل 21 رڪني آئيني ڪميٽي پارٽي جي نئين تنظيمن جي باري ۾ بنيادي ڍانچو ٻيهر پيش ڪندي، تحريڪ انصاف پاڪستان جي سڀ کان وڏي س??اسي پارٽي آهي جيڪا قومي پارٽي جو درجو رکي ٿي، پي ٽي آءِ ۾ خانداني س??است نه آهي عمران خان پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ذاتي رشتن کي پنهنجي مشن تي حاوي نه ٿي?? ڏنو، جمعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف جي س??نئر قيادت جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان پارٽي جي س??نئر قيادت سان مشاورت کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي س??ورين تنظيمن کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي قيادت تي مشتمل آئيني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پارٽي جي نئين آئين تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪميٽي تنظيمن جي باري ۾ بنيادي ڍانچو به پيش ڪندي، هن چيو ته سينئر ميمبرن تي ٻ??ل ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ نيون تنظيمون جوڙيون وينديون، هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي چونڊن ۽ پاڪستان جي عمومي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، تحريڪ انصاف پاڪستان جي سڀ کان وڏي س??اسي پارٽي آهي جيڪا وفاقي پارٽي جو درجو رکي ٿي، هن چيو ته عمران خان وفاق جو ليڊر آهي، گوادر کان خيبر تائين ڪراچي کان لاهور تائين هر جاءِ تي س??دس ووٽ بئنڪ موجود آهي، تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪا به ٻي پارٽي 1100 کان 1200 سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ جي صلاحيت نٿي رکي، هن چيو ته پيپلزپارٽي اندورني س??ڌ ۽ ن ليگ پنجاب جون پارٽيون آهن، تحريڪ انصاف جي ميمبر جي حيثيت س??ن اسان تي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اسان وفاق جي ذميدارين کي دلچسپي س??ن انجام ڏيون، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي س??است متاثر ٿي ته ان سان پاڪستان جي س??است متاثر ٿيندي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي پهرين مرحلي جي بلدياتي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پرفارمنس تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، وليج ڪائونسل جي چونڊن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف هن وقت به خيبرپختونخوا جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، هن چيوته پي ٽي آءِ ۾ خانداني س??است نه آهي، عمران خان پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ذاتي رشتن کي پنهنجي مشن تي حاوي نه ٿي?? ڏنو، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جو ڪلچر پي ٽي آءِ ۾ آيو ته ان ۾ ۽ اسان ۾ فرق نه رهندو. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ ميرٽ جي ابتر ٽڪيٽ ورايا ويا، وزيراعظم بلدياتي چونڊن ۾ آيل شڪايتن تي شديد ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف کي جهڙي طريقي سان هڪ وڏي پارٽي جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهربو هو، هو خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ نظر نه آيو تنهن ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين پي ٽي آءِ جي س??نئر قيادت سان مشاورت کانپوءِ پي ٽي آءِ جي س??ورين تنظيمن کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پي ٽي آءِ جي س??ورن عهديدارن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، پارٽي جي قومي قيادت تي ٻ??ل نئين آئيني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ان ڪميٽي ۾ خيبرپختونخوا مان پرويز خٽڪ، محمود خان، مراد سعيد، اسد قيصر، علي امين گنڊاپور شامل آهن. پنجاب مان هو پاڻ (فواد چوڌري)، شاهه محمود قريشي، حماد اظهر، خسرو بختيار، چوڌري محمد سرور، سيف الله نيازي، عامر ڪياني، عثمان بوزدار شامل هوندا. بلوچستان مان قاسم سوري، جڏهن ته سنڌ مان عمر??ن اسماعيل ۽ علي زيدي ۽ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد م??ن اسد عمر ان ڪميٽي جو حصو هوندا. هن چيو ته ڪنهن رشتيدار کي ٽڪيٽ ڏيڻ جا معاملا ڏسڻ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي ويندي، اهڙا ڪيس هن ڪميٽي وٽ ايندا ۽ هو ڪميٽي ٽڪيٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندي. هن چيو ته اسان جمهوريت جي لاءِ بلدياتي ادارن کي اهم سمجهون ٿا، خيبرپختونخوا ۾ ٻي مرحلي جي بلدياتي چونڊن لاءِ محمود خان کي ذميداري س??نپي وئي آهي، ٽڪيٽ ڏيڻ جو هڪ ميڪنزم ٺاهيو ويندو، اهو ميڪنزم وزيراعظم جي منظوري سان ڏنو ويندو، پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي ٽڪيٽ جو فيصلو پاڪستان تحريڪ انصاف جي س??نئر ميمبرن تي مشتمل ڪميٽي وٽ ايندو، اها ڪميٽي مرڪزي سطح تي اميدوارن جو فيصلو ڪندي ته جيئن مقامي سطح تي ڪنهن قسم جي رنجش جهڙا معاملا شامل نه اچن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فنانس بل اسان جو ذاتي بل نه آهي، آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ نٿا وڃڻ چاهين ته مخالف ڌر ان جو متبادل حل سامهون کڻي اچي، هن چيو ته اربين ڊالر جو قرض انهن ماڻهن پنهنجي دورن ۾ ورتو جيڪو اسان کي واپس ڪرڻو آهي، جيڪڏهن انهن وٽ ڪو متبادل نظام آهي ته هو کڻي اچن.